بلال رضي الله عنه

بلال رضي الله عنه: بلال رضي الله عنہ اصحابي هو. سندس پورو نالو بلال بن رباح هو ۽ نسلاً حبشي هو. بلال رضي الله عنہ 581ع ڌاري ”سراته“ (مڪي شريف) ۾ ڄائو. اسلام جي شروعاتي دؤر ۾ مسلمان ٿيو. اميه بن خلف وٽ غلام هو. حضرت ابوبڪر رضه رقم ڏيئي کيس آزاد ڪرايو. بلال رضه سدائين حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن سان گڏ هوندو هو ۽ سمورين جنگين ۾ شرڪت ڪيائين. جڏهن نماز کان اڳ ۾ اذان جو طريقو رائج ٿيو ته حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن حضرت بلال رضه کي ٻانگو مقرر ڪيو. سندس آواز ۾ ڏاڍو درد سمايل هو. حضرت بلال رضه الله عنه غلاميءَ واري دؤر ۾ ڏاڍيون سختيون سٺيون؛ مٿس ظلم جي انتها ڪئي وئي، پر سدائين صبر جي واٽ تي هلندو رهيو ۽ ان جو نتيجو اهو مليس، جو کيس پهرئين ٻانگي جو اعزاز نصيب ٿيو. حضرت الله عنه'>بلال رضي الله عنه 60 ورهين جي ڄمار ۾ 641ع ڌاري دمشق شهر ۾ وفات ڪئي .


لفظ بلال رضي الله عنهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0581.00.00  عيسوي

حضرت بلال رضي الله عنہ 581ع ڌاري سراته (مڪي شريف) ۾ ڄائو.


0641.00.00  عيسوي

حضرت بلال رضي الله عنه 641ع ڌاري دمشق شهر ۾ وفات ڪئي.



مذهب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جبروت
بوهري
اجتهاد
ڀوڏيسر مندر 2
چيٽ جا نوراتا
ڀِتَر پوڄا
راوڻ
سک مت
اوتار
تاؤمت
مذهب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون